ٿيراکو ٿيراکي

ٿيراکو/ٿيراکي: هن مڇيءَ کي شيدي مڇي چوندا آهن. هن جا چپ وڏا ٿيندا آهن. ڏسڻ ۾ ڏکي ۽ کائڻ ۾ لذيذ ٿيندي آهي. هڪ پهاڪو ڏيندا آهن ته ”جنهن کاڌي ٿيراکي، تنهن جي مٿي ۾ ڦيراٽي“. هن جو وزن ڪرڙي ۽ موراکيءَ جي برابر آهي. ٿيراکيءَ جي چرٻي يا وَهُه سائيءَ جي بيماريءَ لاءِ ڪتب آڻبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو